سرائي علي گوهر خان

سرائي، علي گوهر خان: سرائي علي گوهر خان ذات جو ٻگهيو هو ۽ خيرپور جي مير سهراب خان ٽالپر جي پهرئين وزير شير محمد خان جو ڀاءُ هو. هي وڏو بهادر ۽ ماهر تير انداز هو. سرائي محمد صالح خان سان پڻ رشتيداري هوندي هئس. مير سهراب خان ٽالپر جي خاص اميرن مان هو. ڪلهوڙن سان هالاڻيءَ واريءَ جنگ ۾ پڻ وڙهيو هو.
سرائي علي گوهر ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي احمد آباد جو قلعدار هو ۽ نواب جي لقب سان مشهور هو. هن وٽ هڪ فوجي دستو هميشه موجود رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا فرض به ادا ڪندو هو. چون ٿا ته هڪ دفعي هڪ بگٽيءَ، لشڪر خان کي لڪڻ هنيو، جنهن تي سرائي علي گوهر رات جـو لڪي انهي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. انهي جرم جي پـاداش ۾ مير سهراب خان کيس توب جي منهن ۾ ڏئي مارائي ڇڏيو.


لفظ سرائي علي گوهر خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو